صالح بيگ مرزا ترخان اول

صالح بيگ مرزا ترخان اول

صالح بيگ مرزا ترخان اول

صالح بيگ مرزا ترخان (اول): مرزا محمد صالح بيگ ترخان، سنڌ جي پهرئين ترخان حاڪم مرزا عيسيٰ ترخان جو پٽ هو. ترخانن جي حڪومت جو آغاز خون خرابيءَ سان ٿيو. مرزا شاهه حسن ارغون جي آخري ڏينهن ۾، ارغون ۽ ترخان اچي پاڻ ۾ وڙهيا. سڄي سنڌ جو امن امان درهم برهم ٿي ويو. خون خرابي جي بازار گرم هئي. ٺٽي جو عوام ته وڏي آزار ۾ هو. آخر ڌريون وچ ۾ پيون. طئه ٿيو ته شاهه حسن جي وفات کان پوءِ، سنڌ جا ٻه حصا ڪيا ويندا. اتر سنڌ سيوهڻ سميت سلطان محمود بکريءَ کي ملندي. سيوهڻ کان هيٺ وارو علائقو ترخانن جي قبضي ۾ ايندو. شاهه حسن ارغون 962هه/ 1555ع ۾ فوت ٿيو. حسب معاهده سنڌ تقسيم ٿي. اتر سنڌ تي سلطان محمود جي حڪومت قائم ٿي. ٺٽي ۾ ترخانن جو راڄ قائم ٿيو. مرزا عيسيٰ ترخان، سنڌ ۾ پهريون ترخان حاڪم ٿيو. هن کي سيوهڻ جي جنگي اهميت جو چڱي طرح اندازو هو. ان ڪري پاڻ ڪنهن دير کان سواءِ سيوهڻ جي شهر ۽ قلعي تي قبضو ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ان ريت محمود بکري ۽ مرزا عيسيٰ ۾ تڪرار شروع ٿي ويو. محمود بکري تمام شاطر حڪمران هو. هن کي خبر هئي ته مرزا عيسيٰ جي پُٽن ۾ نفاق آهي. ان جو فائدو وٺڻ گهرجي. عيسيٰ گهريو ٿي ته سندس موت کان پوءِ، هن جو پٽ مرزا صالح ٺٽي جو حاڪم ٿئي. ٻئي طرف مرزا عيسيٰ جو پٽ مرزا باقي به اقتدار ۾ دلچسپي رکندڙ هو. ان ڪري مرزا صالح ۽ مرزا باقيءَ ۾ جهيڙو هلندو رهيو. مرزا عيسيٰ سڄي معاملي ۾ بي وس هو ۽ ڪو به ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگهيو. آخرڪار 976هه/ 1559ع ۾ ٻنهي ڀائرن ۾ دنگل ٿيو. عيسيٰ هن جنگ ۾ مرزا صالح جو طرف ورتو. گهڻي خون خرابي کان پوءِ، مرزا باقي شڪست کائي، سوڍن جي علائقي ونگي طرف هليو ويو. هن سان گڏ ارغون هئا، اهي وري عمرڪوٽ هليا ويا. پاڻ جيسلمير کان ٿيندو بکر آيو ۽ سلطان محمود خان سان اچي مليو. حقيقت ۾ ٺٽي ۾ مرزا صالح جو راڄ هو. پاڻ اڇي ڪاري جو مالڪ هو. خلق کي ڏاڍو تنگ ڪيائين. چون ٿا ته مريد جت جي پيءُ کي مرزا صالح قتل ڪرايو. ٻين ذريعن به ائين لکيو آهي ته، هن جتن جي مخلوق کي گهڻو تنگ ڪيو. بعد ۾ مريد ٺٽي آيو ۽ درخواست ڏيڻ لاءِ مرزا صالح جي آڏو پيش ٿيو. مرزا هن کي ڏٺو ته سڏ ڪري ڳالهه پڇڻ ٿي گهريائين. مريد موقعي جو فائدو وٺي، مرزا صالح کي خنجر وهائي ڪڍيو. صالح موقعي تي مري ويو. مڪليءَ تي صالح جي قبر تي 23 شعبان 970هه/ 27 اپريل 1563ع جو ڪتبو لڳل آهي. (تاريخ طاهري، سنڌي ڇاپو، ص 317- 319) شعبان 970هه/ مارچ 1563ع ۾ هي واقعو ٿي گذريو. هن واقعي کان پوءِ مرزا باقي والد کان معافي وٺي ٺٽي موٽي آيو. پير حسام الدين راشدي، هن حوالي سان لکندي ڪجهه نيون ڳالهيون سامهون آنديون آهن. پاڻ لکي ٿو ته، ڊاڪٽر بلوچ، مرزا صالح جي قتل بابت جيڪو سبب ڄاڻايو آهي، ان تي نظرثانيءَ جي ضرورت آهي. مرزا صالح تند طبع، تند راءِ ۽ خودبين انسان هو. مزاج جي تنديءَ سبب پاڻ قتل ٿيو. هن جي قبر والد جي قبرستان کان ڏکڻ طرف ٿورو پرڀرو جدا ٿلهي تي آهي. لوڙهه ۽ ڪتبا نهايت خوبصورت آهن. مڪليءَ جي سڀني قبرن ۾ هيءَ قبر، پنهنجي نموني ۾ نهايت سهڻي ۽ لاثاني آهي. (مڪلي نامھ، ص 530- 531)


هن صفحي کي شيئر ڪريو